ڌرتي سارو ديس

ڌرتي سارو ديس

ڌرتي سارو ديس

ڌرتي سارو ديس (ڪتاب): هيءُ ڪتاب چونڊ سفرنامن تي مشتمل آهي، جنهن جو مرتب سنڌ جو ناليوارو اديب ۽ براڊڪاسٽر نصير مرزا آهي. هن ڪتاب ۾ مختلف ليکڪن مرزا قليچ بيگ، سيد ميران محمد شاهه، قاضي عبدالمجيد عابد، شيخ اياز، غلام رباني آگري، تنوير عباسي، آغا سليم، ماهتاب محبوب، الطاف شيخ، عنايت بلوچ، هدايت پريم، خيرالنساء جعفري، فقير محمد لاشاري، طارق عالم ابڙي، اشتياق انصاري، حسن مجتبيٰ ۽ عبدالحئي پليجي جا مختلف ملڪن جي لکيل سفرنامن مان مرتب چونڊ حصا هڪ جدا ڪتابي صورت ۾ سهيڙيا آهن.
هن ڪتاب جو مهاڳ نصير مرزا پاڻ لکيو آهي، جڏهن ته سنڌيءَ ٻوليءَ جي سفرنامن جي اوسر بابت وليرام ولڀ جو تفصيلي مضمون به ڏنو ويو آهي.
270 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان هن ڪتاب کي عبرت بڪ ڪلب 1994ع ۾ شايع ڪرايو آهي، جنهن جي قيمت 50 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو